سارغون اول

سارغون اول

سارغون اول

سارغون اول (Sharru- Ken-1): اڪادي سلطنت جو شهنشاهه سارغون (اول) محققن موجب 2300 ق. م ڌاري ايزوپيرانو (Azupirano)، ميسوپوٽيميا ۾ ڄائو. اڪادي لفظ سارغون/ سارگون (Sarru-kin) جي معنيٰ ’سچو بادشاهه‘ يا ’قانوني طور حقدار بادشاهه‘ آهي. آڳاٽي دؤر جي تاريخ مطابق کيس ’سارغون اول‘ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. هن شهنشاهه ميسوپوٽيميائي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سمير ۽ اڪاد جي قديم تهذيبن (موجوده عراق ۽ شام) کي متحد ڪري اڪادي سلطنت جو بنياد وڌو ۽ اڪاد (Akkad) کي پنهنجو تختگاهه مقرر ڪيو. سارغون اول جي جنم، وفات ۽ حڪومتي دؤر متعلق ڪي مستند تاريخون نه ملي سگهيون آهن، تنهن هوندي به سميري تهذيب جي لکتن مان تاريخ وار مطالعو ڪرڻ بعد محقق ان نتيجي تي پهتا آهن ته سارغون اول جو دورِ حڪومت (اندازاً: 2270 ق. م کان 2215 ق. م) 55 سال (گهٽ وڌ) رهيو هوندو. اردو عالمي انسائيڪلوپيڊيا ۾ سارغون/ سارگون اول جي ڏنل داخلا موجب: هڪ سميري ڪهاڻيءَ مطابق هن (سارغون) کي هڪ کاري ۾ رکي، حضرت موسيٰ عليه السلام وانگر فرات درياهه ۾ لوڙهيو ويو، پر ڪنهن کيس بچائي ورتو ۽ پوءِ عشار جي ديويءَ جي عنايت سان سارغون پنهنجي بادشاهت قائم ڪئي، جيتوڻيڪ ان حوالي سان ڪو به واضح بيان نه ٿو ملي ته سارغون تخت تائين ڪيئن پهتو ۽ ڪيئن هن پنهنجي بادشاهت قائم ڪئي. تاريخي اعتبار سان سارغون اول کي قديم دؤر جو پهريون گهڻ نسلي حڪمران تصور ڪيو ويندو آهي، جنهن ڳچ عرصو اڪادي سلطنت تي حڪومت ڪئي. هن جي شهرت سمير ۽ ايلام جي علائقن کي فتح ڪرڻ سبب ٿي، جتان اُتر ۾ شام جي سرحدن تائين به ڪاهه ڪيائين، جنهنڪري سندس حڪومت جون حدون ميسوپوٽيميا جي ٻن سمنڊن وچ تائين يعني ڀونوچ سمنڊ کان ايراني نار تائين پکڙجي ويون.
آثار قديمه جي ماهرن جي تحقيقي راءِ مطابق اڪادي سلطنت جي قيام دوران سارغون اول جا سنڌو ماٿري، تهذيب ۽ اتان جي ماڻهن سان تجارتي ۽ سماجي لاڳاپا قائم هئا.
ان ڏس ۾ نعيم طاهر پنهنجي هڪ ڪتاب ‘Melluhas of the Indus Valley’ (ص: 4) ۾ آثارِ قديمه جي ماهر جوناٿن مارڪ ڪناير جي ڪتاب ‘Ancient Cities of the Indus Valley Civilization’ مان حوالو ڏيندي لکيو آهي ته:
”سنڌو ماٿريءَ جي قديم واپاري سرشتي بابت هٿ آيل تحريرن مان سنڌو ۽ اڪادي تهذيبن وچ ۾ واپار جي ابتدا (2300 ق. م ۽ 1300 ق. م) سارغون اول جي دؤر کان ٿيل ٿي ڏسجي.“
”قديم دؤر جي هن مشهور حاڪم/ بادشاهه، دلمون (Dilmon)، مگن (Magan) ۽ ميلوها (Melluha) مان ايندڙ مال بردار ٻيڙين لاءِ پنهنجي سلطنت جي راڄڌاني اڪاد (Akkad) ۾ بندرگاهه تعمير ڪرايا. گهڻي ڀاڱي ماهرن جي متفقه راءِ موجب قديم مگن، موجوده دؤر ۾ مڪران ۽ عمان وارا علائقا، جڏهن ته ميلوها، سنڌو تهذيب جي ڪنهن قديم خطي جو نالو رهيو هوندو.“
ساڳيءَ ريت يونيسڪو (UNESCO) پاران شايع ٿيل ڪتاب ‘History of Civilization of Central Asia’ جي پهرئين جلد ۾ ڊاڪٽر احمد حسن داني ۽ بي. ڪي ٿاپر جي گڏيل تحقيقي مضمون ‘The Indus Civilization’ ۾ هيٺينءَ راءِ موجب: ”سنڌو تهذيب جي آثارن مان مليل مهرن ۽ تحريري ڪتبن جي مڪمل ڀڃڻي/ پڙهڻي نه ٿيڻ سبب سنڌو تهذيب جون وسيع علائقائي حدون اڄ سوڌو بي نانءُ آهن، تنهن هوندي به ميسوپوٽيميائي تهذيب جي لکتن مان سنڌو تهذيب ۽ دنيا جي ٻين قديم تهذيبن وچ ۾ سڌن توڙي اڻ سڌن واپاري لاڳاپن جون ثابتيون ملن ٿيون. سميري لکتن مان پڻ سارغون اول طرفان واپاري مرڪز (بندرگاهه) قائم ڪرڻ جي واضح نشاندهي ٿيل آهي.
هڪ سميري لکت جي ڀاڃ موجب:
”ميلوها مان ايندڙ ٻيڙين،
مگن مان ايندڙ ٻيڙين،
دلمون مان ايندڙ ٻيڙين کي،
هُو هڪٻئي سان گڏ هڪ قطار ۾،
آگاڙي/ اڪاد (Agade) بندر وٽ بيهاري ٿو.“
(وڌيڪ ڏسو: دلمون، جلد پنجون، ص: 152)
مٿينءَ ڀڃڻيءَ جو تفصيل، نعيم طاهر جي ڪتاب ‘Melluhas of the Indus Valley’ ۾ پڻ ڏنل آهي.
ان کانسواءِ نعيم طاهر، ساڳئي ڪتاب ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته مگن ۽ ميلوها کان جيڪي مال بردار ٻيڙيون اڪاد/ اگاڊ (Agade) جي بندرگاهه تي وڃي لنگر انداز ٿينديون هيون، تن وسيلي ڪچ ڌاتو، خاص ڪري ٽامو، عاج، ڍليل ڌاتو، ڳاڙهسرو اڇو نيم قيمتي پٿر (Cornelian)، ڪوڏيون، لاجورد پٿر (Lapis Lazuli)، خالص موتي (مڻيا) ۽ مسالو وغيره تمام گهڻي مقدار ۾ واپار طور استعمال ڪيو ويندو هو.
هڪ اندازي موجب سارغون اول جي وفات 2215 ق. م ڌاري اڪاد، ميسوپوٽيميا ۾ ٿي. سندس گهر واريءَ جو نالو ملڪه تيشللتم (Tashlultum) هو. سارغون اول کي چار پٽ ريمش (Rimush)، مئن اشتيشو (Man Ishtushu)، شو- اينلِل (اباروم)، الابائس ٽڪل (ابيش تڪل) ۽ هڪ ڌيءُ انهيديانا (Enhedvanna) هئي، جيڪا اُر (Urr) جي وڏي راهبه هئي، جنهن جا اِنانا (Inanna) جي مٿانهين مرتبي بابت لکيل ڀڄن صدين تائين پڙهيا ويندا هئا.
سميري تهذيب جي مختلف دورن ۾ اڪادي سلطنت جي حڪمرانن جي دورن کي ماهرن پنهنجي تحقيق ۽ اندازي مطابق جدولي طريقي ۾ هيٺينءَ ريت بيان ڪيو آهي، جنهن مان سارغون اول جي سلطنت جو ابتدائي ۽ بنيادي دؤر واضح ٿئي ٿو:
سارغون اول هڪ مالهيءَ جو پٽ هو هن 40 کان 55 سال حڪومت ڪئي، سندس حڪومتي عرصو 2215- 2270 ق. م هو. هن لوگل زاگي سي (Lugal Zage Si) کان شڪست کاڌي. ان بعد اڪاد، جيڪو اُر- زبابا جو ساقي هو، مختصر عرصو هتي حاڪم رهيو، سندس عرصو معلوم ٿي نه سگهيو آهي. هن اُرڪ، سمير تي غلبو حاصل ڪيو ۽ اڪادي سلطنت جو مستقل بنياد وڌو. اڪاد کانپوءِ ريمش (Rimush)، جيڪو سارغون اول جو پٽ/ جانشين هو، هن 9 سال حڪومت ڪئي، يعني 2206- 2214 ق. م دوران حڪومت ڪئي. ان کانپوءِ ريمش جو ننڍو ڀاءُ ۽ سارغون جو پٽ مئن اشتيشو 15 سال حاڪم رهيو، 2191- 2205 ق. م، نرم سِن (Naram Sin) مئن اشتيشو جي پُٽ، 2191- 2205 ق. م تائين، 56 سال شهشاهيت ڪئي، سندس دؤر کانپوءِ شر ڪالي شري، نرم سن جو پٽ، 2129- 2153 ق. م تائين، 25 سال حاڪم رهيو، جنهن کانپوءِ چار حڪمران ٿيا: ارگيگي، ايمي، نانم ۽ الولو، چئني جي ٽن سالن تائين گڏيل حڪومت هئي. دودو 2104- 2125 ق. م تائين 21 سال حاڪم رهيو. اڪادي سلطنت جو آخري بادشاهه دودي جوپٽ هو. هن 2083- 2104 ق. م تائين 15 سال حڪومت ڪئي.
مٿي بيان ڪيل دورن کانپوءِ اڪادي سلطنت زوال پذير ٿي وئي، جنهن بعد بادشاهت ارننگن (Ur-Ningin) جي حوالي ٿي، جنهن اُڙڪ سلطنت جو بنياد وڌو.


لفظ سارغون اولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو